حبيب ساجد

حبيب ساجد

حبيب ساجد

حبيب ساجد: مشھور شاعر ۽ ترجمي نگار حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله ولد رحمت الله ڪورڪاڻي بلوچ آهي. سندس جنم 25 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ گل محمد بلوچ نزد ڪوٽ مير محمد، تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۽ مئن پرائمري اسڪول لقمان، خيرپورميرس مان حاصل ڪئي، ثانوي تعليم ڪجهه عرصو نازپائلٽ هاءِ اسڪول خيرپورميرس مان پڙهيو ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پريالوءِ مان ڪئي. ان کان علاوه شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس مان 1994 ۾ آثار قديمه (آرڪيالاجي) ۾ ماسٽرس ڪئي. هن شاعريءَ جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ ۽ مضمونَ ماهوار ڪينجهر، نئين زندگيءَ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. هن ڪيترو عرصو ماهوار ڪينجهر ۾ ’ڪافڪا جي ڊائريءَ‘ ترجمو ڪئي. هن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ھڪ ويب سائٽ سنڌويب.نيٽ پڻ تيار ڪئي جنھن جي اينڊرائيڊ ورزن تي ھو ھن وقت ڪم ڪري رھيو آھي. ويب سائٽ ۾سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ليک ۽ مضمون شامل آهن. فوٽوگرافيءَ سان چاهه سبب فيس بوڪ تي سندس فوٽوگرافيءَ جو صفحو پڻ موجود آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ھڪ شاعره ڏانھن لکيل خط’ (فھميده شرف بلوچ ڏانھن)، ‘تنھنجي وئي کانپوءِ’ (شاعري: علي عابد ۽ ابراهيم کرل سان گڏ: 1995ع)، ۽ ‘چونڊ نوبل ڪھاڻيون’ (ترجما ممتاز بخاريءَ سان گڏ: 1996ع) شامل آهن. ان کان سواءِ هن پئبلو نرودا، امارو ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ تي ‘چنڊ، سمنڊ ۽ خواب’ جي عنوان سان هڪ ڪتاب به ترتيب ڏنو آهي. هن وقت ريلوي کاتي ۾ ٽرين انچارج گارڊ آهي ۽ ماڪا ڳوٺ سکر ۾ رھائش پذير آھي. روزاني ”پنھنجي اخبارَ“ ۾ ”ھڪ جپسي ڪالم“ جي سري سان سندس هفتيوار ڪالم به شايع ٿيندو رهي ٿو.


لفظ حبيب ساجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.12.25  عيسوي

مشھور شاعر ۽ ترجمي نگار حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله ولد رحمت الله ڪورڪاڻي بلوچ آهي. سندس جنم 25 ڊسمبر 1968ع تي ڳوٺ گل محمد بلوچ نزد ڪوٽ مير محمد، تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احسان فقير لانگاهه
آسو رام
الطاف حسين حالي
استاد بخاري
رحمان بابا
شمس الدين عاصي
سيد فاضل شاهه فاضل
ڪامران جيلاني
ذوالفقار راشدي
پٺاڻ محمد اڪرم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون